ملير ( رپورٽ: شاهد ڇڄڙو ) ملير پوليس غير قانوني طور رهندڙ افغان شهرين خلاف ڪريڪ ڊائون دوران مختلف ڪاررواين ۾ 16 افغان شهرين کي تحويل ۾ وٺي قانوني ڪارروائي بعد افغان ڪيمپ منتقل ڪري ڇڏيو.
ايس ايس پي ملير جي هدايتن ۽ اعليٰ آفيسرن جي حڪمن تحت ملير پوليس ملير سٽي ۽ قائد آباد جي حدن ۾ ڪارروايون ڪيون.
پوليس موجب، ملير سٽي ٿاڻي جي پوليس ايس ايڇ او، هيڊ محرر ۽ انٽيليجنس اسٽاف سان گڏيل ڪارروائي ڪندي 4 غير قانوني افغان شهرين کي تحويل ۾ ورتو.
ٻئي طرف قائد آباد پوليس نيشنل ايڪشن پلان تحت ڪارروائي ڪندي 12 وڌيڪ غير قانوني افغان شهرين کي گرفتار ڪيو.
پوليس موجب، تحويل ۾ ورتل سمورن افغان شهرين خلاف قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ بعد کين پوليس جي نگراني هيٺ غني چورنگي افغان ڪيمپ منتقل ڪيو ويو، جتان لاڳاپيل قانوني ضابطن موجب وڌيڪ ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.
ملير پوليس جو چوڻ آهي ته غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهي شهرين خلاف ڪارروايون نيشنل ايڪشن پلان تحت جاري رهنديون.


