ممبئي (رپورٽر) بالي ووڊ ۽ مراٺي سينيما جي مشهور ليجنڊري اداڪار نانا پاٽيڪر 75 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. نانا پاٽيڪر جي وفات جي تصديق سندس پٽ ملهار پاٽيڪر پاران ڪئي وئي آهي.
رپورٽن موجب نانا پاٽيڪر کي 8 آڪٽوبر جي صبح گوا ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي اوچتو دل جو دورو پيو، جنهن بعد کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو. ڊاڪٽرن پاران تقريباً 45 منٽن تائين سي پي آر ڪرڻ باوجود سندس حياتي بچائي نه سگهجي.
نانا پاٽيڪر پنهنجي منفرد ڊائلاگ ڊليوري ۽ شاندار اداڪاري سبب بالي ووڊ ۽ مراٺي سينيما ۾ الڳ سڃاڻپ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو. سندس اوچتي لاڏاڻي تي فلمي دنيا ۽ مداحن ۾ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي آهي.


