مورو (رپورٽ: علي دوست سولنگي) وچ شهر جي لطيف ڪالوني ۾ 2 نياڻين جي ماءُ مسمات سوبيا زال زاهد عباسي مبينا طور زهر پي خودڪشي ڪري ڇڏي. اطلاع ملڻ تي مورو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي.
ناري جي والد معصوم نياڻين سان گڏ بيان ڏيندي الزام لڳايو ته سندس نياڻي جو مڙس زاهد عباسي سان ڪافي عرصي کان تڪرار هلندڙ هو ۽ مڙس مبينا طور کيس وقت بوقت مارڪٽ پڻ ڪندو هو، جنهن سبب ناري مڙس جو گهر ڇڏي والدين وٽ رهندي هئي.
والد موجب ناري پاران مڙس خلاف فيملي ڪورٽ نوشهروفيروز ۾ ڪيس پڻ هلندڙ هو. سندس الزام آهي ته گذريل رات مڙس ۽ سندس ڀينرن فون ڪري ناري کي مبينا طور ذهني دٻاءُ ۽ ڌمڪيون ڏنيون، جنهن کانپوءِ هن انتهائي قدم کنيو. هن واقعي جو ذميوار مڙس ۽ سندس گهر ڀاتين کي قرار ڏيندي ڪارروائي ۽ قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
ٻئي طرف مورو پوليس لاش تحويل ۾ وٺي مورو اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.


