ميرپورخاص پوليس اهلڪار قتل ڪيس: 3 جوابدارن جو 5 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور

1 Min Read

ميرپورخاص: (رپورٽ: امجد خاصخيلي) پوليس اهلڪار خالد مري جي قتل ڪيس ۾ گرفتار نامزد ٽي جوابدارن تابش مري، محمد حسن ۽ عارف عرف عالي مري کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
عدالت 5 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ منظور ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 23 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ٽائون ٿاڻي جي حد گلشن حيدر فيز ون ۾ فائرنگ واقعي دوران پوليس اهلڪار خالد مري کي قتل ڪيو ويو هو، جنهن بعد پوليس ڪارروائي ڪندي ٽي جوابدار گرفتار ڪيا هئا.
جاچ آفيسر موجب جوابدارن کان ريمانڊ دوران وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي، جڏهن ته واقعي ۾ استعمال ٿيل هٿيار، موبائل فون ۽ ٻيا ثبوت به هٿ ڪري فارنزڪ لاءِ موڪليا ويا آهن.
پوليس موجب جاچ مختلف رخن کان جاري آهي ۽ وڌيڪ گرفتاريون به ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته واقعي جي هر پهلوءَ جو جائزو ورتو پيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment