Focus with Zardari

نوشهروفيروز: ٺاروشاهه باءِ پاس تي فائرنگ، عورت قتل، مڙس زخمي

1 Min Read

نوشهروفيروز (رپورٽر) ٺاروشاهه باءِ پاس وٽ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زال مڙس عبدالرزاق چانڊيو ۽ ياسمين چانڊيو سخت زخمي ٿي پيا.

پوليس ٻنهي زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان ڳڻتي جوڳي حالت سبب کين نوابشاهه ريفر ڪيو ويو. نوابشاهه منتقل ڪرڻ دوران ياسمين چانڊيو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس مڙس عبدالرزاق چانڊيو زخمي حالت ۾ علاج هيٺ آهي.

وارثن موجب سندن ڪجهه ڌرين سان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي. پوليس واقعي بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته فائرنگ ڪندڙ جوابدارن بابت وڌيڪ تفصيل سامهون نه اچي سگهيا آهن.

Share This Article
Leave a Comment