راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) انگلينڊ ۽ سريلنڪا وچ ۾ کيڏيل هڪ دلچسپ ون ڊي مقابلي ۾ سريلنڪا 430 رنسن جو وڏو هدف 49.5 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. انگلينڊ جي ڪپتان هيري بروڪ جي شاندار ڊبل سينچري باوجود سريلنڪا ميچ کٽي ورتي.
انگلينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 429 رنسون ٺاهيون. هيري بروڪ 116 بالن تي 202 رنسن جي طوفاني اننگز کيڏي، جنهن ۾ 21 چوڪا ۽ 10 ڇڪا شامل هئا. جو روٽ 69، ول جيڪس 66 ۽ ٽام بينٽن 50 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، جڏهن ته بين ڊڪٽ 29 رنسون ٺاهيون.
سريلنڪا طرفان ڊونٿ ويلالاگي 2 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته اسيٿا فرنينڊو ۽ جنيٿ ليانگي هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
430 رنسن جي ڏکئي هدف پٺيان بيٽنگ ڪندي سريلنڪا جي بيٽرن به شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري. پاون رتناياڪي 106 بالن تي 130 رنسون ٺاهي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. اويشڪا فرنينڊو 83 بالن تي 97 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته داسن شناڪا رڳو 50 بالن تي 97 رنسن جي جارحاڻي اننگز کيڏي.
جنيٿ ليانگي 27 بالن تي ناقابلِ شڪست 61 رنسون ٺاهي سريلنڪا کي ڪاميابي جي ويجهو پهچايو. ڪاميندو مينڊس 18 ۽ ساهان آراچچيگي 13 رنسون ٺاهيون.
انگلينڊ طرفان جوش ٽنگ 3 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته سام ڪرن 2 وڪيٽون حاصل ڪيون. جيمي اوورٽن ۽ ليام ڊاسن هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.
سريلنڪا آخري اوور جي پنجين بال تي گهربل رنسون مڪمل ڪري 430 رنسن جو هدف حاصل ڪيو. هي مقابلو ٻنهي ٽيمن جي بيٽرن جي غيرمعمولي ڪارڪردگي ۽ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ رنسن جي وڏي انگ سبب يادگار بڻجي ويو.


