اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم کان ڪابينا کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ڪنهن به آئيني ترميم کان اڳ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍڻ لاءِ هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو پر ڪجهه وفاقي وزير مسئلا گهٽائڻ بدران وڌائي رهيا آهن. هن وزيراعظم کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي ڪابينا کي ڪنٽرول ڪري.
بلاول ڀٽو چيو ته ڪشمير جي معاملي تي هڪ وفاقي وزير جو بيان باهه وسائڻ بدران ان تي تيل هارڻ جي برابر آهي. هن سوال ڪيو ته اهڙو وزير اڃا تائين ڪابينا ۾ ڇو موجود آهي، جيڪو چوي ته راولاڪوٽ جا ماڻهو ڪشميري ناهن. هن چيو ته ڪنهن ملڪ جو دفاع وارو وزير اهڙو بيان ڪيئن ڏئي سگهي ٿو، جڏهن ته هو پنهنجي تڪراري بيان تي معافي گهرڻ لاءِ به تيار ناهي.
هن چيو ته اهڙن تڪراري بيانن کان پوءِ حڪومت جي حمايت بابت وضاحت ڏيڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو. سياسي مسئلن جو حل سياسي انداز ۾ نڪري سگهي ٿو، ۽ منهنجي تجويز آهي ته مولانا فضل الرحمان کي هن معاملي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي.
پيپلز پارٽي چيئرمين ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم تي تنقيد ڪندي چيو ته اهي آئيني ترميم بابت وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، پر پهريان ٺهراءُ ته پيش ڪن. هن چيو ته ڪراچي ۾ جيڪو مڪاني نظام آندو ويو آهي، اهو لاهور ۾ به لاڳو ڪري ڏيکاريو وڃي.
بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته ڪنهن به آئيني ترميم کان اڳ سڄي ملڪ ۾ مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن. هن مطالبو ڪيو ته 90 ڏينهن اندر اسلام آباد ۽ گلگت بلتستان ۾ به مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن.
هن وڌيڪ چيو ته حڪومت عاشوري کان اڳ وفاقي بجيٽ منظور ڪرائي. جيڪڏهن دير ٿي ته ميمبرن کي وڌيڪ وقت تائين اسلام آباد ۾ روڪي رکڻ جي اجازت نه ڏيندس.


