اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران هڪ دلچسپ سياسي منظر ڏسڻ ۾ آيو، جڏهن وزيراعظم شهباز شريف اجلاس ۾ پهچي اپوزيشن بينچن ڏانهن ويو ۽ مختلف سياسي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون.
وزيراعظم اپوزيشن اڳواڻن سان هٿ ملايو، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري به پنهنجي سيٽ تان اٿي وزيراعظم وٽ پهچي ساڻن ملاقات ڪئي.
اجلاس دوران اعتراض واري نقطي تي ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان ماضي جي سياسي بيانن جو حوالو ڏنو.
هن سوال اٿاريو ته ڇا ماضي ۾ جلسن دوران نواز شريف فوج ۽ آرمي چيف بابت سخت تنقيدي تقريرون نه ڪندا هئا؟ ۽ ڇا فوج کي “محڪمه زراعت” جهڙا لفظ استعمال ڪري مخاطب نه ڪيو ويندو هو؟
مولانا فضل الرحمان جي تقرير کان پوءِ ايوان جو ماحول وڌيڪ دلچسپ ٿي ويو. وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي سيٽ تي بيهي جواب ڏنو.
هن چيو ته مولانا فضل الرحمان سندس لاءِ احترام جوڳي شخصيت آهن ۽ سندن پاڻ ۾ پراڻا ۽ خوشگوار تعلقات آهن.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هو اڪثر مولانا سان ملاقات لاءِ ويندو رهيو آهي، هميشه سندن عزت ڪندو آهي.
پنهنجي جواب دوران وزيراعظم هڪ اهم اشارو به ڏنو، هن چيو ته مولانا سان بند ڪمري ۾ جيڪي ڳالهيون ٿيون آهن، انهن جو ذڪر هو ايوان ۾ نه ڪندو، ڇاڪاڻ ته اهي ڳالهيون ساڻس “قبر تائين” وينديون.
هي جملو ٻڌڻ کان پوءِ ايوان ۾ خاص دلچسپي پيدا ٿي وئي. وزيراعظم جي ڳالهه تي مولانا فضل الرحمان به جواب ڏنو. هن چيو ته جيڪڏهن اڪيلائي ۾ ڪا ڳالهه ٿي آهي ته وزيراعظم کي ايوان ۾ ان جو ذڪر ڪرڻ جي اجازت آهي.
شهباز شريف چيو ته هو مولانا جي آڇ قبول نه ڪندس، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن انهن ڳالهين جو ذڪر ڪيو ويو ته معاملو گهڻو اڳتي نڪري ويندو ۽ پوءِ شايد واپسي ممڪن نه رهندي.