وزيرستان: فتنہ الخوارج جي چڙ ڏياريندڙ ڪوشش ناڪام، پاڪ فوج جو افغان طالبان کي به ڀرپور جواب

1 Min Read

وزيرستان ( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) پاڪ فوج ڏکڻ وزيرستان ۾ فتنه الخوارج جي چڙ ڏياريندڙ ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز افغان طالبان پاران شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ تي ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪندي ڪيترين ئي افغان چيڪ پوسٽن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي۔

سيڪيورٽي ذريعن موجب، ڏکڻ وزيرستان جي علائقي انگور اڊه ۾ پاڪ فوج فتنه الخوارج جي دراندازي جي ڪوششن کي ناڪام بڻايو۔

ذريعن جو چوڻ آهي ته دراندازي ۾ ناڪامي کان پوءِ افغان طالبان انگور اڊه زلول خيل ۾ شهري آبادي کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ فائرنگ دوران 2 عورتن سميت 3 شهري زخمي ٿي پيا، جن کي وانا جي اسپتال منتقل ڪيو ويو۔

سيڪيورٽي ذريعن موجب افغان طالبان شڪست کانپوءِ بوکهلاہٽ جو شڪار ٿي شهري آبادي کي نشانو بڻائي رهيا آهن، جڏهن ته پاڪ فوج جوابي ڪارروائي ڪندي ڪيترين ئي افغان پوسٽن کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي۔

Share This Article
Leave a Comment