وينزويلا ۾ زلزلو، وڏي پيماني تي جاني نقصان جو خدشو

2 Min Read

ڪاراڪس (ويب ڊيسڪ) وينزويلا ۾ شام جي وقت هڪ منٽ کان به گهٽ وقفي دوران آيل ٻن طاقتور زلزلن سبب هزارين ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.

پهريون زلزلو 7.2 شدت جو رياست ڪارابوبو ۾ آيو، جنهن جو مرڪز گادي واري شهر ڪاراڪس کان لڳ ڀڳ 20 ڪلوميٽر پري هو.
آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب رڳو 39 سيڪنڊن کانپوءِ ان کان به وڌيڪ طاقتور ٻيو زلزلو آيو، جنهن جي شدت 7.5 رڪارڊ ڪئي وئي.

هن وقت تائين اهو واضح نه ٿي سگهيو آهي ته انهن زلزلن جي نتيجي ۾ ڪيتريون جانيون ضايع ٿيون آهن، نه ئي ٻين نقصانن جي نوعيت ۽ پيماني جو مڪمل اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

يو ايس جي ايس موجب وڏي پيماني تي جاني نقصان ۽ وسيع تباهي جو امڪان موجود آهي.
اداري جي اندازي مطابق ٻئي وڏي زلزلي کانپوءِ 44 سيڪڙو امڪان آهي ته فوتين جو انگ 10 هزار کان وڌي سگهي ٿو، جڏهن ته فوتين جو انگ هڪ لک کان مٿي وڃڻ جو به 30 سيڪڙو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

ڪاراڪس ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جتي ڪيتريون ئي عمارتون ڊهي پٽ ٿي ويون آهن، پيٽرول جي فراهمي معطل ٿي چڪي آهي.

گهرو وزير رهواسين کي اپيل ڪئي آهي ته هو پنهنجي گهرن مان نڪري محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي وڃن.

Share This Article
Leave a Comment