ٽنڊوالهيار (رپورٽر) منصور ڪالوني ۾ سنوڪر گيم تان جهيڙي جي نتيجي ۾ 20 ورهين جي نوجوان ارسلان احمد ولد عبدالحميد ڪشميري جو لاش هٿ آيو آهي، جنهن کي پوليس تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
اطلاع ملڻ تي اي سيڪشن پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ ورتو. پوليس موجب نوجوان جي وات مان رت اچي رهيو هو ۽ سندس مٿي جي پٺئين حصي تي ڌڪ جو نشان هو، جتان رت وهي رهيو هو. پوليس جو چوڻ آهي ته نوجوان جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويندو، جنهن کانپوءِ موت جو ڪارڻ واضح ٿي سگهندو.
ٻئي طرف مقتول جي وارثن الزام هنيو آهي ته نوجوان کي تشدد ڪري بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو آهي. وارثن موجب ڪجهه ڏينهن اڳ هنن سنوڪر گيم خلاف ايس ايس پي کي درخواست پڻ ڏني هئي، پر ان باوجود گيم بند نه ڪئي وئي. سندن چوڻ آهي ته اتي نوجوانن وچ ۾ جهيڙا معمول بڻيل آهن.
وارثن مطالبو ڪيو آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. پوليس واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي، جڏهن ته قتل جي الزام ۽ موت جي اصل سبب جي تصديق پوسٽ مارٽم ۽ جاچ کانپوءِ ٿي سگهندي.


