بشڪڪ ( ويب ڊيسڪ )پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم ايس سي او جي 2026-27ع جي چيئرمين شپ سنڀالي ورتي آهي.
پرڏيهي کاتي موجب، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار بشڪيڪ ۾ ايس سي او جي سيڪريٽري جنرل سان ملاقات ڪئي، جتي کيس چيئرمين شپ سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني وئي.
ملاقات دوران اسحاق ڊار ايس سي او جي چيئرمين شپ لاءِ پاڪستان جي ترجيحن ۽ حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو. ايس سي او جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي ترجيحن جي حمايت ۽ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.
پرڏيهي کاتي موجب پاڪستان ۽ ايس سي او سيڪريٽريٽ وچ ۾ چيئرمين شپ دوران ويجهي رابطي ۽ سهڪار کي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
ملاقات ۾ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ ايس سي او لاءِ پاڪستان جي قومي رابطاڪار محمد فيصل پڻ شرڪت ڪئي.
پاڪستان جي چيئرمين شپ دوران تنظيم جي ترجيحن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو.


