استنبول ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ ترڪيه توانائي جي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٽن مفاهمتي يادداشتن (ايم او يوز) تي صحيحون ڪري ڇڏيون آهن.
پاور ڊويزن پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب استنبول ۾ ٿيل اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس دوران ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل ادارن توانائي جي شعبي ۾ اداري سطح جي سهڪار، فني رابطن ۽ ڄاڻ جي ڏي وٺ کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ معاهدن تي صحيحون ڪيون.
پڌرائي موجب پاڪستان جي انڊيپنڊنٽ سسٽم اينڊ مارڪيٽ آپريٽر (آءِ ايس ايم او) ۽ ترڪيه جي انرجي مارڪيٽ آپريٽر وچ ۾ هڪ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون.
ان کان علاوه ترڪيه جي بجلي ٽرانسميشن ڪارپوريشن ۽ پاڪستان جي انڊيپنڊنٽ سسٽم اينڊ مارڪيٽ آپريٽر وچ ۾ به سهڪار جو معاهدو طئي ٿيو.
اهڙي ريت پاڪستان جي پاور پلاننگ اينڊ مانيٽرنگ ڪمپني ۽ ترڪيه جي بجلي ورڇ واري شعبي سان لاڳاپيل اداري وچ ۾ به مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون.
پاور ڊويزن موجب انهن معاهدن ۾ نجڪاري کانپوءِ گورننس فريم ورڪ، بجلي مارڪيٽ جي ترقي، معاون خدمتن جي ضابطن، پاور سسٽم آپريشنز، ٽرانسميشن منصوبابندي ۽ بجلي جي ورڇ واري شعبي جي انتظام ۽ ڊجيٽلائيزيشن بابت سهڪار شامل آهي.
وفاقي وزير توانائي اويس لغاري مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ٿيڻ کي ڀليڪار ڪندي چيو ته پاڪستان، ترڪيه جي بجلي مارڪيٽ سڌارن، ٽرانسميشن سسٽم جي ترقي ۽ تقسيمي شعبي ۾ جديد تجربن مان فائدو حاصل ڪندو.
هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل سهڪار سان توانائي جي شعبي ۾ ڪارڪردگي، خدمتن جي فراهمي ۽ گورننس ۾ بهتري ايندي، جنهن سان بجلي جي نظام کي وڌيڪ مؤثر ۽ جديد بڻائڻ ۾ مدد ملندي.


