راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ صوماليا وچ ۾ دفاعي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ گڏيل سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان صوماليا جي بچاءَ واري وزير سفير احمد معلم فقي جي اڳواڻيءَ ۾ آيل اعليٰ سطحي وفد جنرل هيڊڪوارٽرز (جي ايڇ ڪيو) ۾ ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپيءَ وارن معاملن، علائقائي امن ۽ سلامتي جي صورتحال، دفاعي لاڳاپن ۽ سيڪيورٽي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ٻنهي ملڪن فوجي سطح تي رابطن، گڏيل تربيت، صلاحيتن ۾ واڌ ۽ دفاعي سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏيندي، گڏيل سيڪيورٽي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تعاون وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
ان موقعي تي صوماليا جي بچاءَ واري وزير خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي مسلسل سهڪار ۽ پاڪ فوج جي پيشاوراڻن خدمتن کي ساراهيو.
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ان موقعي تي صوماليا جي سيڪيورٽي ادارن جي صلاحيتن ۾ واڌ ۽ خطي ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ پاڪستان جي مڪمل سهڪار جي عزم کي ورجايو.


