[ad_1]
اسٽيٽ بئنڪ ملڪ ۾ ورچوئل ايسٽ سروس (ڪرپٽو ڪرنسي ڪمپنين) تان پابندي هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ايڪسپريس نيوز موجب اسٽيٽ بئنڪ ڪرپٽو ڪمپنين تان پابندي هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ڪرپٽو اثاثن جو ڪاروبار ڪندڙ ڪمپنين کي قانوني تحفظ ملي ويو.
اسٽيٽ بئنڪ جي منظوري کانپوءِ بئنڪن کي لائسنس يافته ڪرپٽو ڪمپنين جا اڪائونٽ کولڻ جي اجازت ڏني ويندي.
پابندي هٽائڻ سان پاڪستان ۾ قانوني ڪرپٽو ۽ ڊجيٽل ڪرنسي واپار لاءِ راهه هموار ٿي وئي آهي، جڏهن ته دبئي ۽ اوورسيز پاڪستانين جي ڪرپٽو اثاثن جي واپسي جا امڪان روشن ٿي ويا آهن.
[ad_2]
Source link


