اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين پنجاب حڪومت ۾ ڪرپشن ٿيڻ بابت پنهنجي بيان تي قائم رهندي چيو آهي ته صوبي ۾ واقعي ڪرپشن ٿي رهي آهي، جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز پاران کيس هرجاڻي جو قانوني نوٽيس موڪلڻ جي اعلان کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ لفظي تڪرار وڌيڪ تيز ٿي ويو آهي.
وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين پنهنجي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو ته الله تعاليٰ غرور ۽ تڪبر کان بچائي، مان پنهنجي بيان تي قائم آهيان ۽ پنجاب ۾ ڪرپشن ٿي رهي آهي.
هن واضح ڪيو ته ڊپٽي ڪمشنر (ڊي سي) لڳرائڻ بابت ڪا به ڳالهه ناهي ڪئي، ڇاڪاڻ ته ڊي سي اڳ ئي مقرر ٿيل هو.
چوڌري سالڪ حسين جو چوڻ هو ته جڏهن انسان وٽ اختيار اچي ٿو ته کيس عاجزي اختيار ڪرڻ گهرجي. مون سچائيءَ سان جواب ڏنو آهي ۽ پنجاب ۾ ڪرپشن بابت پنهنجي موقف تي قائم آهيان. هن وڌيڪ چيو ته انهن معاملن جو تعلق صوبن جي حوالي سان ناهي.
ٻئي طرف پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز اٽڪ ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين جي پنجاب حڪومت بابت ڪرپشن وارن الزامن تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ۽ کيس هرجاڻي جو قانوني نوٽيس موڪلڻ جو اعلان ڪيو.
مريم نواز چيو ته چوڌري سالڪ حسين وفاقي وزير آهي، کيس الزام لڳائڻ بدران ثبوت پيش ڪرڻ گهرجن. جيڪڏهن وٽس ڪرپشن جا ثبوت آهن ته عوام آڏو آڻي، ٻي صورت ۾ کيس عدالت ۾ وٺي وينديس.
هن سوال اٿاريو ته جيڪڏهن پنجاب حڪومت ايتري ڪرپٽ آهي ته پوءِ چوڌري سالڪ حسين ان حڪومت جو حصو بڻجي وفاقي وزير جي عهدي تي ڇو ويٺو آهي؟


