خيرپور ( رپورٽر ) خيرپور جي پريس ڪلب پهچي پير آف راڻي پور پير سيد علي رضا شاهه عرف مٺا سائين پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته سندس ويڳا چاچو ۽ پيپلزپارٽي ايم اين اي سيد فضل علي شاهه جيلاني پاران گذريل رات نارا تعلقي جي سوراه ٿاڻي جي حد ۾ مصالي واري علائقي ۾ سندن گهر تي هٿياربندن کان حملو ڪرايو ويو.
سيد پير سيد علي رضا شاهه عرف مٺا سائين جو چوڻ هو ته هٿياربندن جي حملي دوران هو ۽ سندس خاندان جا ماڻهو معجزاڻي طور محفوظ رهيا، جڏهن ته واقعي بابت حد جي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو. سندس موجب پوليس جي پهچڻ کان پوءِ مبينا حملو ڪندڙ فرار ٿي ويا.
پير سيد علي رضا شاهه الزام هنيو ته کيس ۽ سندس خاندان کي اڳ ئي خطرا درپيش آهن. هن دعويٰ ڪئي ته ايم اين اي سيد فضل علي شاهه ۽ سندس ڀائر ماضي ۾ سندس چاچي علي تقي شاهه ۽ سندس پٽ زمان شاهه جي قتل ۾ به ملوث رهيا آهن، جنهن سبب کين خدشو آهي ته هاڻي سندن جانين کي به خطرو آهي.
پير سيد علي رضا شاهه سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته مبينا حملي جو نوٽيس وٺي واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي، حملي ۾ ملوث ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي ۽ کيس ۽ سندس خاندان کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
هن واضح ڪيو ته هو پنهنجي جان ۽ خاندان جي تحفظ بابت سخت خدشا رکي ٿو ۽ اختيارين کان فوري قدم کڻڻ جي اپيل ڪئي آهي.


