پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ

1 Min Read

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ڪئي وئي آهي. اوگرا پاران پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.

نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو 8 پيسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 343 رپيا 87 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

جڏهن ته ڊيزل جي قيمت ۾ 51 پيسا في ليٽر اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 370 رپيا 92 پيسا في ليٽر ٿي وئي آهي. اوگرا موجب پيٽروليم شين جا نوان اگهه 2 سيپٽمبر لاءِ لاڳو هوندا.

Share This Article
Leave a Comment