وفاقي حڪومت، هڪ هفتي لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏو اضافو ڪري ڇڏيو.
پيٽروليم ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي في ليٽر ۾ 26 رپيا 77 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن بعد نئين قيمت 393 رپيا 35 پئسا ٿي وئي آهي.
ڊيزل جي قيمت ۾ به 26 رپيا 77 پئسن جي واڌ ڪئي وئي آهي، نئين قيمت 380 رپيا 19 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.پيٽروليم ڊويزن جي نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول ۽ ڊيزل جون نيون قيمتون 25 اپريل کان لاڳو ٿي ويون آهن.

