اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ): وفاقي حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل وڌيڪ مهانگو ٿي ويو آهي.
پيٽروليم ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا 59 پئسا في ليٽر ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 3 رپيا 81 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي.
قيمتن ۾ تازي واڌ کانپوءِ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 368 رپيا 29 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پيٽرول جي نئين قيمت 359 رپيا 59 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.
پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ سان ٽرانسپورٽ، مال برداري ۽ روزمرهه جي استعمال وارين شين جي قيمتن تي پڻ اضافي دٻاءُ اچڻ جو خدشو آهي.


