ڊي آءِ جي سکر خيرپور جا 49 پوليس اهلڪار معطل ڪري ڇڏيا، جاچ جو حڪم

1 Min Read

گمبٽ: (ممتاز ميمڻ) ڊي آءِ جي سکر ناصر آفتاب پٺاڻ خيرپور ضلعي جي 49 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري رينج آفيس سکر رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته اهلڪارن خلاف انڪوائري پڻ شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

معطل ٿيل اهلڪارن ۾ آصف شيخ، نادر گُهنڃو، فهم عباس شر، محمد مراد، وسيم گوپانگ، علي مراد ڪلهوڙو، سليم ميتلو ۽ ٻيا شامل آهن.

ڄاڻ موجب اهلڪارن خلاف مهراڻ هاءِ وي تي قائم پوليس پوائنٽن تان مبينا ڀتو وٺڻ ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽ کي بناجواز تنگ ڪرڻ جون شڪايتون هيون، جن جي بنياد تي ڊي آءِ جي سکر ڪارروائي ڪئي.

Share This Article
Leave a Comment