ڄامشورو (رپورٽ: باسط ملاح) ڄامشورو سيشن ڪورٽ جي سامهون روڊ جو هڪ پاسو ڪيترن ئي مهينن کان خراب هجڻ سبب ايندڙ ويندڙ ٽرانسپورٽرن ۽ شهرين کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
شهرين جو چوڻ آهي ته روڊ جو هي ٽڪرو ڊگهي عرصي کان خراب ۽ هڪ پاسو بند پيل آهي، پر انتظاميا طرفان مرمت لاءِ ڪي به اثرائتا قدم ناهن کنيا ويا.
شهرين سوال اٿاريندي چيو ته روڊ ڀرسان انتظامي آفيسون موجود آهن، ان باوجود اربين رپين جي بجيٽ رکندڙ انتظاميا هڪ ننڍڙي روڊ جي ٽڪري جي مرمت ڇو نٿي ڪرائي سگهي؟ شهرين مطالبو ڪيو ته روڊ جي فوري مرمت ڪرائي آمدورفت جي سهولت بحال ڪئي وڃي.


