Focus with Zardari

ڏهرڪي ويجهو ملت ايڪسپريس جي بوگي پٽڙي تان لهي وئي

1 Min Read

ڏهرڪي(علي رضا راجپوت) ڏهرڪي ويجهو ملت ايڪسپريس ٽرين جي هڪ بوگي پٽڙي تان لهي وئي، واقعي ۾ ڪنهن به جاني نقصان جا اطلاع ناهن مليا.

اطلاعن موجب ملت ايڪسپريس لالا موسيٰ کان ڪراچي وڃي رهي هئي ته ڏهرڪي ويجهو ٽرين جي هڪ بوگي پٽڙي تان لهي وئي.

واقعي کانپوءِ ٽرين ۾ سوار مسافرن ۾ ڳڻتي پکڙجي وئي، جڏهن ته واقعي ۾ ڪنهن به جاني نقصان جي رپورٽ ناهي ملي.

Share This Article
Leave a Comment