Focus with Zardari

ڪراچي: بلوچ ڪالوني گرڊ اسٽيشن ۾ باهه، ڪيترن ئي علائقن جي بجلي معطل

1 Min Read

ڪراچي (رپورٽر) بلوچ ڪالوني ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي گرڊ اسٽيشن ۾ رات دير سان اوچتو باهه لڳي وئي، جنهن بعد پي اي سي ايڇ ايس، محمود آباد، بلوچ ڪالوني، ايڪسپريس وي سميت ڀرپاسي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي معطل ٿي وئي.

فائر بريگيڊ عملي موجب باهه ٽئين درجي جي هئي، جنهن تي 8 فائر ٽينڊرن جي مدد سان ڪيترن ئي ڪلاڪن جي ڪوششن کانپوءِ ضابطو آندو ويو. واقعي ۾ ڪنهن به جاني نقصان جي اطلاع ناهي ملي.

ڪي اليڪٽرڪ ترجمان موجب گرڊ اسٽيشن ۾ ڪولنگ جو عمل مڪمل ٿيڻ بعد متاثر ٿيل نظام جي مرمت جو ڪم جاري آهي، جڏهن ته متبادل فيڊرز ذريعي مختلف علائقن ۾ بجلي بحال ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن. انتظاميا موجب بجلي جي فراهمي مرحليوار بحال ڪئي پئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment