ڪراچي: ذهني ۽ جسماني طور بيمار نينگري بازياب، هڪ جوابدار گرفتار

1 Min Read

ڪراچي (رپورٽ-آزاد ميراڻي)جي  ڪياماڙي ضلعي جي انويسٽيگيشن پوليس ڪيل ڪارروائي دوران ذهني ۽ جسماني طور بيمار نينگري کي بازياب ڪرائي هڪ مبينا جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پوليس موجب فاطمه زهرا، جيڪا پيدائشي طور ذهني توازن کان محروم آهي، 29 جون تي بلديه ٽائون واري علائقي مان گم ٿي وئي هئي.

هن ٻڌايو ته واقعي جو ڪيس پهرين جولاءِ تي بلديه ٽائون ٿاڻي ۾ انس ولد سهيل خلاف داخل ڪيو ويو هو، جنهن کانپوءِ جاچ ٽيم ٽيڪنيڪل بنيادن تي ڪارروائي ڪندي مغوي نينگري کي بازياب ڪرائي ورتو ۽ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ ڪيس جي ٻين رخن جو پڻ جائزوورتو پيو وڃي.

Share This Article
Leave a Comment