Focus with Zardari

ڪراچي: سرجاني ٽائون ۾ ماءُ ۽ 3 ٻارن جو قاتل مقتول عورت جي مڙس جو ڀيڻيويو نڪتو!

1 Min Read

ڪراچي (رپورٽر) سرجاني ٽائون ۾ 3 ڏينهن اڳ گهر اندر ماءُ ۽ سندس 3 معصوم ٻارن جي بي رحماڻي قتل جو معمو حل ٿي ويو، پوليس موجب واردات ۾ مقتول عورت جي مڙس جو ڀيڻيويو نڪتو جيڪو سندن ڪرائي دار به رهيو هو.

ڊي آءِ جي ويسٽ عرفان بلوچ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته پوليس ٽن ڏينهن اندر ماءُ ۽ 3 ٻارن جي قتل جو معمو حل ڪري ورتو آهي. سندس چوڻ موجب مقتولا جي مڙس جو ڀيڻويو همايون قتل ۾ ملوث آهي، جنهن کي گرفتار ڪري ورتو ويو آهي.

پوليس موجب گرفتار جوابدار وٽان واردات ۾ استعمال ٿيل هٿيار پڻ هٿ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدار دوران جاچ پنهنجي ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪيو آهي.

Share This Article
Leave a Comment