ڪراچي: سهراب ڳوٺ ۾ ايڌي سينٽر تي هٿياربندن جي ڦر، 65 لک رپيا کڻي فرار

2 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) شهر جي علائقي سهراب ڳوٺ ۾ انسانيت جي خدمت ڪندڙ اداري ايڌي سينٽر تي هٿياربندن ڦر جي واردات ڪئي، جنهن دوران جوابدار مبينا طور تي 65 لک رپيا کڻي فرار ٿي ويا.

ايڌي سينٽر جي ترجمان موجب، ملازمن کي پگهارون ڏيڻ لاءِ بئنڪ مان رقم ڪڍرائي وئي هئي. ان دوران ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار چار هٿياربند جوابدار ايڌي سينٽر پهتا ۽ عملي کان رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا.

پوليس موجب واقعي کانپوءِ ملازمن کان شروعاتي معلومات ورتي پئي وڃي. عملي جو چوڻ آهي ته چار ئي جوابدار هيلمٽ پهريل هئا، جنهن سبب سندن سڃاڻپ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ تان سي سي ٽي وي فوٽيج حاصل ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ جاچ جو عمل جاري آهي.

هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ پوليس کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. وڏي وزير چيو ته ايڌي سينٽر غريبن، بي سهارن ۽ لاوارث ماڻهن جو سهارو آهي، تنهن ڪري واقعي جي فوري جاچ ڪري جوابدارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو وڃي.

سنڌ جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

Share This Article
Leave a Comment