Focus with Zardari

ڪراچي: گلشن اقبال ۾ ريڊ لائن منصوبي جي اڏاوت هيٺ پل جو ڍانچو ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت

1 Min Read

ڪراچي (رپورٽر) گلشن اقبال ۾ بيت المڪرم مسجد ويجهو ريڊ لائن منصوبي جي اڏاوت هيٺ پل جو اسٽرڪچر ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو.

ريسڪيو اختيارين موجب پل جو ڍانچو ڪرڻ سبب ملبي هيٺان دٻجي سڪيورٽي گارڊ فوت ٿي ويو، جيڪو پل وٽ ڊيوٽي تي هو.

فوتي جي لاش کي قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته زخمي کي به طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي.

حادثي کانپوءِ سوڪ سينٽر کان نيپا ويندڙ روڊ کي سرچ آپريشن ۽ ملبو هٽائڻ واري عمل سبب ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment