ڪراچي ۾ غيرقانوني افغان شهرين خلاف ڪريڪ ڊائون، 23 افغان ۽ هڪ سهولتڪار گرفتار

1 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): ڪراچي جي ايسٽ زون ۽ ضلعي ملير ۾ غيرقانوني طور رهندڙ افغان شهرين خلاف پوليس جي ڪريڪ ڊائون دوران 23 افغان شهرين کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته کين رهائش فراهم ڪندڙ هڪ گودام مالڪ کي پڻ حراست ۾ ورتو ويو.

پوليس موجب، ايسٽ زون جي سائيٽ سپر هاءِ وي ٿاڻي جي نيو سبزي منڊي چوڪي پوليس ڪارروائي ڪندي غيرقانوني طور رهندڙ 18 افغان شهرين کي تحويل ۾ ورتو، جن کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ لاڳاپيل ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي.

ٻئي طرف، ايس ايس پي ملير جي هدايتن تي قائدآباد پوليس خيبر گلي، شير پائو ڪالوني ڀرسان هڪ پلاسٽڪ گودام تي ڇاپو هڻي 5 غيرقانوني ترسيل افغان شهرين عبدالهادي، اياز، احسان الله، ياسين ۽ محمد اڪبر کي گرفتار ڪيو، جڏهن ته کين رهائش فراهم ڪندڙ گودام جي مالڪ حسن نواب کي به حراست ۾ ورتو ويو.

پوليس موجب، گرفتار افغان شهرين خلاف فارنرز ايڪٽ جي قلم 14-ڊي تحت، جڏهن ته گودام مالڪ خلاف سنڌ ٽيمپرري ريزيڊنس ايڪٽ جي قلم 11 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

Share This Article
Leave a Comment