Focus with Zardari

گمبٽ: جادو واهڻ ڀرسان هٿياربندن جي ڦر، ڳوٺاڻو يرغمال

1 Min Read

گمبٽ (رپورٽر) اڳڙا ٿاڻي جي حد ۾ جادو واهڻ ڀرسان لنڪ روڊ تان رات دير سان هٿياربندن اڳڙا واسي اصغر ملاح کي يرغمال بڻائي ورتو.

هٿياربندن اصغر ملاح کي زبردستي ڪمند جي فصل ۾ وٺي وڃي مبينا تشدد بعد ٻڌي ڇڏيو، جنهن کانپوءِ سندس ڪارگو سميت هڪ مينهن، 2 وڇيريون، موبائل فون ۽ روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا.

واقعي کانپوءِ ڀاڳين اڳڙا پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد پوليس ۽ ڀاڳين کوجي ڪتن جي مدد سان ڦورن جا پيرا کنيا. پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن.

Share This Article
Leave a Comment