Focus with Zardari

گمبٽ: خانپور مهر مان مبينا اغوا ٿيل صحافي عظيم سيال جي بازيابي لاءِ صحافين جي ريلي

1 Min Read

گمبٽ (رپورٽر) خانپور مهر مان مبينا اغوا ٿيل سينيئر صحافي عظيم سيال جي بازيابي لاءِ گمبٽ ۾ صحافين پاران ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

احتجاج ڪندڙ صحافين جو چوڻ هو ته نامعلوم هٿياربند عظيم سيال جي گهر ۾ داخل ٿي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پامال ڪرڻ بعد کيس مبينا طور اغوا ڪري ويا، جڏهن ته وارثن کان هڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪرڻ جي دعويٰ پڻ ڪئي وئي آهي.

صحافين چيو ته عظيم سيال هڪ ورڪنگ صحافي آهي، جيڪو هميشه غريب ۽ مظلوم ماڻهن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچائيندو رهيو آهي. هنن صحافي جي اغوا واري واقعي جي سخت مذمت ڪندي سندس فوري ۽ محفوظ بازيابي جو مطالبو ڪيو.

احتجاج ۾ الهڏاد اڄڻ، قمرالدين شيخ، عرفان ميمڻ، حفيظ منگي، ڪشور ڪمار، انور منگي، نديم ملڪ ۽ ٻين صحافين شرڪت ڪئي. احتجاج ڪندڙن سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪيو ته عظيم سيال کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائڻ جو اعلان ڪيو ويو.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment