گمبٽ (رپورٽر) خيرپور ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف سوين شهرين پير جو ڳوٺ ٿاڻي آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو، مظاهرين ٽائرن کي باهيون ڏئي سخت نعريبازي ڪئي.
شهرين جو چوڻ آهي ته خيرپور ضلعي ۾ سرِعام ڦرون ۽ ڏوهي وارداتون روز جو معمول بڻجي ويون آهن، جنهن سبب عوام سخت پريشان ۽ پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهيو آهي.
مظاهرين آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو ۽ ڊي آءِ جي سکر کان فوري نوٽيس وٺي ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ۽ ضلعي ۾ امن امان بحال ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.


