گمبٽ (رپورٽر) ڳوٺ لڙهي اڄڻ مان قانون جي شاگرد غلام سجاد اڄڻ جو پاڻي جي تلاءَ مان تشدد ٿيل لاش هٿ آيو آهي.
اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
وارثن جو الزام آهي ته غلام سجاد اڄڻ کي قتل ڪرڻ بعد سندس لاش پاڻي جي تلاءَ ۾ اڇلايو ويو.
وارثن موجب غلام سجاد گذريل ڏينهن شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۾ سيمينار ۾ شرڪت لاءِ ويو هو، جتان واپس نه موٽيو. سندس گهڻي ڳولا باوجود ڪو پتو نه پيو، جڏهن ته اڄ سندس لاش پاڻي جي تلاءَ مان هٿ آيو.
وارثن جو چوڻ آهي ته سندن ڪنهن سان به دشمني ناهي.
هنن پوليس کان مطالبو ڪيو آهي ته واقعي جي شفاف جاچ ڪري قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.


