گمبٽ: (رپورٽر) قومي شاهراهه تي سچل گيٽ سامهون ڪار ۽ مسافر ويگن ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب 20 کان وڌيڪ عورتون ۽ مرد زخمي ٿي پيا.
اطلاع ملڻ تي پوليس ۽ 1122 ريسڪيو اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي راڻيپور ۽ گمس اسپتال منتقل ڪيو.
زخمين ۾ ناصر ٿهيم، بلاول ڪمبوهه، مسمات عابده ڪمبوهه، محمد صديق سروهي ۽ تنوير ڪليري سميت ٻيا شامل آهن.
زخمين موجب خيرپور ويندڙ ويگن اڳيان اوچتو هڪ رڪشو اچي ويو، جنهن کي بچائڻ جي ڪوشش دوران ويگن سامهون واري پاسي هلي وئي ۽ ڪار سان ٽڪرائجي ڪلٽي ٿي پئي.
راڻيپور پوليس موجب حادثي ۾ 20 کان وڌيڪ ڄڻا زخمي ٿيا آهن، جن کي علاج لاءِ راڻيپور ۽ گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.


