گمبٽ: هفتي دوران ٻن عورتن سميت ٽن ڄڻن جا مبينا آپگهات، نوجوان جو لاش وڻ ۾ ٽنگيل مليو

1 Min Read

گمبٽ (ممتاز ميمڻ) گمبٽ تعلقي ۾ مبينا آپگهات جا واقعا وڌي رهيا آهن. گذريل هڪ هفتي دوران ٻن عورتن سميت ٽن ڄڻن جي حياتي ختم ٿيڻ جا واقعا رپورٽ ٿيا آهن.

اڳڙا ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ ڪوڙل پٺاڻ جي رهواسي نوجوان شيراز پٺاڻ جو لاش وڻ ۾ ٽنگيل حالت ۾ مليو. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو.

پوليس موجب ضروري قانوني ڪارروائي ۽ جاچ کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي طور واقعو مبينا آپگهات لڳي رهيو آهي، جڏهن ته نوجوان جي موت جو حتمي ڪارڻ اڃا سامهون ناهي آيو. پوليس واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهي آهي.

Share This Article
Leave a Comment