گمبٽ (ممتاز ميمڻ): چونڊڪو روڊ تي منڍ جمڙائو ڀرسان ويگو ۽ موٽرسائيڪل ۾ زوردار ٽڪر جي نتيجي ۾ نوجوان فوت ٿي ويو.
حادثي ۾ ڪرونڊي ڀرسان ڳوٺ حسين پاتو واسي 30 ورهين جو مستري عباس راجپر سخت زخمي ٿي پيو، جيڪو زخمن جا سور نه سهندي واقعي واري هنڌ تي ئي فوت ٿي ويو.
حادثي کانپوءِ علائقي واسين پهچي پوليس کي اطلاع ڏنو، جڏهن ته فوتي جو لاش ضروري قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.


