گمبٽ (رپورٽ: ممتاز ميمڻ) گمبٽ شهر ۾ بدامني جا واقعا گهٽجڻ بدران وڌي رهيا آهن. تازي واقعي ۾ هٿياربندن ڏينهن ڏٺي جو شيخ خالد هائوس ٻاهران هڪ عورت کي يرغمال بڻائي کانئس سون جا زيور ڦر ڪري فرار ٿي ويا.
متاثر عورت ڪومل شيخ موجب، هٿياربندن تشدد ڪرڻ بعد سندس ٻه سون جون چوڙيون، هڪ چين ۽ هڪ منڊي ڦري ورتي. هنن الزام هنيو ته اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس دير سان پهتي.
واقعي خلاف شيخ برادري جي ماڻهن ڊي ايس پي آفيس ٻاهران احتجاج ڪندي مطالبو ڪيو ته ڦر ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي.
احتجاج ڪندڙن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته گمبٽ شهر ۾ شٽر بند هڙتال ڪئي ويندي.


