گهوٽڪي (رپورٽر) گهوٽڪي ويجهو سرحد ٿاڻي جي حد ۾ ڪيڊٽ ڪاليج وٽ روڊ جي ڪناري بيٺل ڪاٺين سان ڀريل ڦٽي واري رڪشا کي مزدا جو ٽڪر لڳڻ سبب ڳوٺ بهاو خان چاچڙ واسي پورهيت ريحان چاچڙ موقعي تي فوت ٿي ويو.
واقعي بعد سرحد پوليس ۽ وارث فوتي جو لاش کڻائي تعلقه اسپتال گهوٽڪي پهچايو، جتان ضروري قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو پيو وڃي.
هوڏانهن حادثي کانپوءِ مزدا ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو، جڏهن ته سرحد پوليس مزدا گاڏي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي آهي.


