Focus with Zardari

گولاڙچي ۾ زمين وڪرو نه ڪرڻ تان پٽن جو پيرسن پيءُ تي لٺين سان تشدد، علاج دوران فوت

1 Min Read

گولاڙچي (رپورٽر) ترائي شهر ۾ زمين وڪرو نه ڪرڻ تان 65 ورهين جي پيءُ کي سندس پٽن مبينا طور لٺيون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو، جيڪو بعد ۾ تعلقه سول اسپتال گولاڙچي ۾ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

ترائي جي رهواسي 65 ورهين جي صديق ميمڻ کي سندس پٽن جاويد ميمڻ ۽ نديم ميمڻ مبينا طور زمين وڪرو نه ڪرڻ تان وچ شهر ۾ لٺيون هڻي زخمي ڪيو. علائقي واسين زخمي صديق ميمڻ کي علاج لاءِ تعلقه سول اسپتال گولاڙچي منتقل ڪيو، جتي هو فوت ٿي ويو.

اسپتال ۾ موجود سندس هڪ پٽ موجب، واقعي کان 2 ڏينهن اڳ صديق ميمڻ پنهنجي پٽن خلاف ترائي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي هئي، جنهن ۾ هن پٽن کان جاني خطري جو اظهار پڻ ڪيو هو. وارثن جو چوڻ آهي ته اين سي داخل ٿيڻ باوجود پوليس طرفان ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي.

ٻئي طرف آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment