Focus with Zardari

گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد ڀاڙن ۾ 7 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو

1 Min Read

ڪراچي(ويب نيوز) آل پاڪستان گڊز ٽرانسپورٽ اتحاد جي صدر ملڪ شهزاد اعواڻ ڀاڙن ۾ 7 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته گذريل 7 ڏينهن دوران ڊيزل جي قيمت ۾ في ليٽر 26 رپيا 88 پئسا واڌ ٿي آهي.

ملڪ شهزاد جو چوڻ آهي ته گذريل هڪ هفتي دوران پيٽرول جي قيمت ۾ به في ليٽر 20 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي.

ٻئي طرف گڊز ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا وڌڻ سبب روزمره جي استعمال وارين شين جي قيمتن ۾ وڌيڪ واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.

واضح رهي ته حڪومت گذريل ڏينهن ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا 47 پئسا واڌ ڪئي، جنهن کانپوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 424  رپيا 92 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment