Focus with Zardari

گھوٽڪي: صحافي عظيم سيال جي مبينا اغوا خلاف احتجاج، ٽريفڪ معطل

1 Min Read

گھوٽڪي (رپورٽ: علي رضا راجپوت) خانپور مهر جي صحافي عظيم سيال جي مبينا اغوا خلاف قومي شاهراهه تي صحافين ۽ شهرين پاران احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون.

قومي شاهراهه تي بس ٽرمينل وٽ ٿيل احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي گھوٽڪي پريس ڪلب جي صدر نياز چنو ڪئي. مظاهرين صحافي عظيم سيال جي فوري ۽ بحفاظت بازيابي جو مطالبو ڪندي چيو ته صحافي جي مبينا اغوا واري واقعي تي ڳڻتي آهي ۽ کيس جلد بازياب ڪرايو وڃي.

مظاهرين موجب عظيم سيال گذريل رات خانپور مهر شهر مان ڳوٺ ڏانهن ويندي مبينا طور لاپتا ٿيو، جنهن کانپوءِ صحافين ۽ شهرين پاران احتجاج ڪيو ويو.

هوڏانهن آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گھوٽڪي کان فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. آءِ جي سنڌ لاڳاپيل پوليس کي واقعي جي سمورن پاسن کان شفاف ۽ جامع جاچ ڪرڻ سان گڏ مبينا مغوي صحافي جي بحفاظت بازيابي کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن.

- Advertisement -
Share This Article
Leave a Comment