اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان 10 رپين جو ڪرنسي نوٽ ختم ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي
ناڻي بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ ڊپٽي گورنر اسٽيٽ بينڪ ڊاڪٽر عنايت حسين نون ڪرنسي نوٽن بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته 10 رپين جو نوٽ ختم ڪرڻ جون ٻه ڀيرا اڳ به ڪوششون ٿي چڪيون آهن.
هن چيو ته 10 رپين جي نوٽ جي ڇپائي جي لاڳت وڌي وئي آهي، جنهن سبب نئين ڪرنسي نوٽن جي اچڻ وقت 10 رپين جو نوٽ ختم ڪيو ويندو.اسٽيٽ بينڪ اختيارين موجب موجوده ڪرنسي نوٽ 2005ع کان ڇپجي رهيا آهن، جڏهن ته نوان نوٽ جديد سيڪيورٽي فيچرز سان متعارف ڪرائڻا آهن.
اجلاس ۾ ڪرنسي نوٽن جي نئين ڊيزائن لاءِ ڪنسلٽنٽ سان معاهدي تي به سوال اٿاريا ويا. قائمہ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته بڊنگ جو عمل نه ٿيو ۽ ڪنسلٽنٽ سان ئي ڊيزائن جو معاهدو ڪيو ويو، جڏهن ته اسٽيٽ بينڪ کي خودمختيار هجڻ سان گڏ قاعدن جي به پابندي ڪرڻي آهي
.ڊپٽي گورنر موجب ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي نون ڪرنسي نوٽن جو جائزو وٺي رهي آهي ۽ تبديليون مڪمل ٿيڻ کانپوءِ نوان نوٽ مارڪيٽ ۾ آڻي سگهجن ٿا.


