دادو: ڪاڇي ۾ پراسرار بيماري سبب 3 ٻار فوت، سوين متاثر

1 Min Read

دادو: (رپورٽ: اي بي خشڪ) ڪاڇي جي ڳوٺ تاج محمد دولتاني ۾ پراسرار بيماري سبب 3 ٻار فوت ٿي ويا، جڏهن ته سوين ٻار بيماري ۾ مبتلا آهن. ڊي ايڇ او عبدالحميد کونهارو فوتگين جي تصديق ڪندي چيو آهي ته بيماري جي اڃا سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي.

صحت کاتي جون ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي جون ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون آهن، جڏهن ته 2 هزار ٻارن کي حفاظتي ٽڪا پڻ لڳايا ويا آهن. ڊي ايڇ او موجب ٻارن جون فوتگيون پراسرار آهن ۽ بيماري جي سڃاڻپ لاءِ صحت کاتي جون ٽيمون ڪم ڪري رهيون آهن.

Share This Article
Leave a Comment