خيرپور ضلعي ۾ بدامني، چوري ۽ ڦرن جا واقعا، پوليس مقابلي ۾ 3 مبينا ڦورو زخمي حالت ۾ گرفتار

2 Min Read

خيرپور/گمبٽ (نمائندن وٽان) خيرپور ضلعي ۾ ڏوهاري سرگرمين ۾ واڌ نظر اچي رهي آهي، جتي مختلف علائقن ۾ چوري، ڦر ۽ جانورن سان بي رحماڻو سلوڪ ڪرڻ جا واقعا سامهون آيا آهن، جڏهن ته پوليس پاران ڏوهارين خلاف ڪارروايون ڪندي مختلف هنڌن تي مبينا مقابلن دوران 3 ڄڻن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.

خيرپور ۾ ڪنب جي صحافي شبير سولنگي جي گهر مان نامعلوم چور سون، لکين رپيا روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ٻهاري فرار ٿي ويا. ٻئي طرف گمبٽ ۾ ون فائيو جي پوليس اهلڪار حنيف لاشاري کان کهڙا ۾ هٿياربندن ڏينهن ڏٺي جو ڦر ڪري سندس سي ڊي موٽرسائيڪل، موبائل فون ۽ روڪ رقم کسي فرار ٿي ويا.

فيض گنج تعلقي جي اڪري ٿاڻي جي حد ۾ ريگستاني علائقي ديهه گاداڻو ۾ مبينا طور جوابدارن چرندڙ ڏاچي کي ٽريڪٽر سان گهلي گهلي ماري ڇڏيو. ڏاچي جي مالڪ امير احمد ڀٽي الزام لڳايو ته محمد بچل، حاڪم راڄپر، عبدالمجيد راڄپر، محرم راڄپر ۽ ٻين سندس ڀلوڙ نسل جي ڏاچي کي بيدردي سان ماري ڇڏيو. هن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.

هوڏانهن خيرپور پوليس موجب ڏوهارين خلاف ڪاررواين دوران سيٺارجا، ڪوٽ لالو ۽ پير وسڻ ٿاڻن جي حدن ۾ 3 ڌار ڌار مبينا پوليس مقابلا ٿيا، جن ۾ غلام شبير، مومن لاشاري ۽ الله رکيو شاهاڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ ۽ سندن قبضي مان هٿيار ۽ گوليون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.

ايس ايس پي خيرپور امير سعود مگسي موجب زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدارن خلاف ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي پوليس مقابلن، چورين ۽ ٻين واقعن جا ڪيس داخل ٿيل آهن. گرفتار جوابدارن کي علاج لاءِ مختلف اسپتالن منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندن ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

ايس ايس پي چيو ته امن دشمنن خلاف خيرپور پوليس جون ڪارروايون جاري رهنديون.

Share This Article
Leave a Comment