هالا: اسڪول ۾ جهيڙو، 2 شاگرد ۽ والد زخمي، استادن جو ڌرڻو، جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو

1 Min Read

هالا (رپورٽ: عامر علي انڙ) هالا جي مخدوم غلام حيدر گورنمينٽ هاءِ اسڪول ۾ پاڻي پيئڻ جي معمولي ڳالهه تان ٻن شاگرد گروپن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن بعد مبينا طور ڪجهه ماڻهو لٺيون ۽ ڪهاڙيون کڻي اسڪول ۾ داخل ٿيا ۽ حملو ڪري 2 شاگردن ميلاد رضا فراش، امام الدين فراش ۽ سندن والد سڌير فراش کي زخمي ڪري ڇڏيو.

واقعي خلاف استادن گسٽا اڳواڻ ڪريم ڏنو ڪاڪا جي اڳواڻي ۾ درگاهه روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

پوليس عملدارن جوابدارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ۽ گرفتاري جي خاطري ڪرائي.

Share This Article
Leave a Comment