گمبٽ (ممتاز ميمڻ) فنڪشنل مسلم ليگ تعلقي جي صدر ۽ ميونسپل ڪاميٽي جي اپوزيشن ليڊر حاجي عبدالغني ڦلپوٽو، جنرل سيڪريٽري عبدالجبار ٽڳڙ ۽ انفارميشن سيڪريٽري صابر حسين مهيسر سول اسپتال خيرپور ۾ بدانتظامي، سهولتن جي کوٽ ۽ مبينا ڪرپشن خلاف پريس ڪانفرنس ڪئي.
اڳواڻن چيو ته اربين رپين جي بجيٽ باوجود اسپتال ۾ بنيادي سهولتون ۽ دوائون موجود ناهن، جڏهن ته 30 لک آبادي واري ضلعي لاءِ آءِ سي يو ۾ رڳو 20 بيڊ آهن. هنن اسپتال ۾ مريضن کي ناقص کاڌو ڏيڻ جا به الزام لڳايا.
اڳواڻن گذريل ڏينهن اسپتال ۾ لڳل باهه تي افسوس جو اظهار ڪندي الزام هنيو ته باهه ڄاڻي واڻي لڳائي وئي ته جيئن مبينا غلط ڪم لڪايا وڃن. هنن اسپتال مان قيمتي سامان ۽ اي سيز جي چوري جا به الزام لڳايا.
فنڪشنل مسلم ليگ اڳواڻن چيو ته بدانتظامي، ڪرپشن ۽ رشوتخوري خلاف وڏي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.


