حڪومت ۽ پ پ وچ ۾ سياسي ڇڪتاڻ ختم ڪرائڻ لاءِ پردي پٺيان رابطا ڪامياب

1 Min Read

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ قانون سازي ۽ ٻين سياسي معاملن تي پيدا ٿيل اختلاف ختم ڪرائڻ لاءِ پردي پٺيان ٿيندڙ رابطا نتيجا ڏيندڙ ثابت ٿيا آهن.

ذريعن موجب ٻنهي ڌرين وچ ۾ هلندڙ ڊيڊ لاڪ ٽوڙڻ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق وچ ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪندي معاملن کي اڳتي وڌايو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت پيپلز پارٽي سان ڳالهين ۽ رابطن لاءِ اسپيڪر کي مڪمل اختيار ڏنا هئا، جنهن کانپوءِ پيپلز پارٽي به قانون سازي جي معاملن تي پنهنجي موقف ۾ لچڪ پيدا ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وئي آهي.

Share This Article
Leave a Comment