اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ڪري ڇڏي آهي، جنهن تحت پيٽرول 6 رپيا 88 پيسا ۽ ڊيزل 5 رپيا 62 پيسا في ليٽر مهانگو ڪيو ويو آهي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي نئين قيمت 391 رپيا 22 پيسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت وڌي 421 رپيا 45 پيسا في ليٽر ٿي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن مطابق نيون قيمتون 17 سيپٽمبر لاءِ لاڳو هونديون.
پيٽروليم ڊويزن موجب اوگرا پاران 17 سيپٽمبر 2026 لاءِ پيٽروليم شين جي ايڪس ڊپو قيمتن جو تعين ڪيو ويو، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي وڌندڙ قيمتن جا اثر پاڪستان ۾ به پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن تي پئجي رهيا آهن.
پيٽروليم ڊويزن جو چوڻ آهي ته عالمي غير يقيني صورتحال سبب خام تيل ۽ پيٽروليم شين جون عالمي قيمتون بلند سطح تي برقرار آهن.


