اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پيٽروليم شين جي وڌندڙ قيمتن کي نظر ۾ رکندي وفاقي حڪومت پاران ٽن مهينن لاءِ بچت مهم جو اعلان ڪيو ويو آهي.
وفاقي حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب اسلام آباد ۾ دڪان، مارڪيٽون ۽ شاپنگ مالز رات 9 وڳي بند ڪيا ويندا، جڏهن ته شادي هالز، مارڪيٽز ۽ ٻيون واپاري سرگرميون رات 10 وڳي تائين بند ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.
نوٽيفڪيشن موجب هوٽل، ريسٽورنٽ ۽ ڪيفي رات 11 وڳي بند ڪيا ويندا، جڏهن ته ٽيڪ اوي ۽ هوم ڊليوري سروسز کي ان پابندي کان ڇوٽ حاصل هوندي.
فارمييسي، ليبارٽريز، ڪلينڪس، اسپتالن، تندورن ۽ پيٽرول پمپن کي به مقرر ڪيل وقت جي پابندي کان استثنيٰ ڏنو ويو آهي.
وفاقي حڪومت ڪفایت شعاري مهم تحت 50 سيڪڙو سرڪاري گاڏيون گرائونڊ ڪرڻ ۽ سرڪاري گاڏين لاءِ ايندھن جي فراهمي ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي جو فيصلو ڪيو آهي. ضروري خدمتن، ايف بي آر جي آپريشنل گاڏين، هٿياربند فوجن، سول آرمڊ فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون گاڏيون ان پابندي کان مستثنيٰ هونديون.
نوٽيفڪيشن ۾ سمورن قسمن جون نيون سرڪاري گاڏيون خريد ڪرڻ تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سرڪاري ادارن ۾ آءِ ٽي سامان کانسواءِ ٻين پائيدار شين جي خريداري تي به پابندي هوندي.
حڪومت پاران ايندڙ ٽن مهينن دوران سرڪاري خرچ تي پرڏيهي دورن ۽ سفرن تي مڪمل پابندي لڳائي وئي آهي. ناگزير پرڏيهي دورن جي صورت ۾ وزير، صلاحڪار ۽ سرڪاري آفيسر اڪانومي ڪلاس ۾ سفر ڪندا.
سرڪاري اجلاسن کي ترجيحي بنياد تي وڊيو ڪانفرنسنگ ذريعي منعقد ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سرڪاري عشائين جي ميزباني تي به پابندي هوندي. البت غيرملڪي وفدن جي اعزاز ۾ عشائيان ان پابندي کان مستثنيٰ هوندا.
سرڪاري خرچ تي سيمينار، تربيتي پروگرام ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ناگزير سرڪاري تقريبن لاءِ سرڪاري آڊيٽوريم ۽ ڪميٽي روم استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
شادي جي تقريبن ۾ صرف هڪ ڊش پيش ڪرڻ جو فيصلو پڻ ڪيو ويو آهي.
ان کان علاوه بيڪريون، کير ۽ ڊيري شاپس، جم، راندين جون سهولتون، پيڊل ڪورٽس، آءِ ٽي ڪمپنيون ۽ ڪال سينٽرز مقرر ڪيل ڪاروباري وقت جي پابندي کان مستثنيٰ هوندا.
نوٽيفڪيشن موجب ڪفایت شعاري قدمن مان ڇوٽ لاءِ درخواستون ڪيس ٽو ڪيس بنياد تي غور هيٺ آنديون وينديون، جڏهن ته استثنيٰ جي منظوري لاءِ لاڳاپيل ڪميٽي پنهنجي سفارش وزيراعظم کي پيش ڪندي.
وفاقي حڪومت موجب صوبائي ۽ علائقائي حڪومتون به وفاقي حڪومت جهڙا ڪفایت شعاري قدم اختيار ڪرڻ تي غور ڪري سگهن ٿيون.


