راولپنڊي(ويب نيوز) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري واضح ڪيو آهي ته حملن کان سعودي عرب جو دفاع ڪرڻ لاءِ پاڪستان ڪنهن به حد تائين ويندو، پاڪستان مڪمل طور سعودي عرب سان گڏ بيٺل آهي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري عرب ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو ته اسان حرمين شريفين جي حفاظت لاءِ اتي موجود آهيون، ان ۾ ڪو به شڪ نه هجڻ گهرجي، ڪنهن به قسم جي جارحيت خلاف سعودي عرب جو دفاع ڪندا رهنداسين.
پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ هو ته سعودي عرب جي سلامتي لاءِ پاڪستان جو عزم غيرمشروط آهي. ٻنهي ملڪن جي عوام، فوجن ۽ سياسي قيادت وچ ۾ تاريخي ۽ نه ٽٽندڙ لاڳاپو موجود آهي.
ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته پاڪستان سعودي عرب جو دفاع ڪندو رهندو ۽ سعودي عرب جي دفاع لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهي.


